پٽ جون ڳنڍيون  ريشم ويڙها ڪتاب جي تصوير

پٽ جون ڳنڍيون ريشم ويڙها ڪتاب جي تصوير

پٽ جون ڳنڍيون ريشم ويڙها

پٽ جون ڳنڍيون، ريشم ويڙها (ڪتاب ):هي ڪتاب مشهور شاعر ڊاڪٽر قيوم طراز جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي ۽ ”گيتن کي نذرانو“ عنوان سان تاثرات ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا آهن. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي گيت جو مختصر تاريخي جائزو عنوان تي تفصيل سان قيوم طراز جي شاعريءَ تي روشني وڌي آهي. سندس هڪ ڌار مضمون ”پنهنجو مٽ آ پاڻ هي ماڻهو“ به شامل آهي. جنهن ۾ قيوم طراز جي شاعريءَ جي خوبين تي بحث ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ قيوم طراز جا گيت، غزل ۽ نظم شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 134 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي ۽ مئي 2000ع ۾ گنج بخش پبليڪيشن، حيدرآباد ڇپايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو